اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، 9 مئي جي واقعن قوم کي ڏکويل ۽ شرمسار ڪيو آهي، جيڪي قومون شهيدن ۽ غازين کي ??ساري ڇڏين اهي زندهه ناهن رهنديون، رجيم چينج جي ڪوڙي دعويدارن جي ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي وئي آهي، روس کان 45 هزار ٽن سستو ڪچو تيل پهچي ويو، آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدو جلد ٿي ويندو، اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جولاءِ کان ٻيهر شروع ٿي ويندي، حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، ??لڪ کي ??شڪلاتن مان ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (اڳوڻي آءِ جي پي) رو?? جي نئين سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ??لڪ ابرار، انجم عقيل خان، ??لڪ شڪيل اعواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار موجود هئا. تقريب ۾ وزيراعظم آءِ جي پي رو?? کي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ناقص منصوبابندي جي ڪري هي منصوبو تعطل جو شڪار رهيو. اڳوڻي حڪومت جاري منصوبا به ٺپ ڪري ڇڏيا هئا. منصوبي کي ??ڪمل ڪرڻ تي گهرو وزير، سي ڊي اي چيئرمين، ڪمشنر راولپنڊي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي ??بارڪباد ڏيان ٿو، منصوبي تي جنهن خوبصورتي سان لينڊ اسڪيپنگ ۽ باغباني ڪئي وئي آهي ساراهه جوڳي آهي. ٻين ترقياتي منصوبن سان به اهڙي طرح وڻ ۽ گل لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين کي ??اد رکندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن جيڪي قومون شهيدن ۽ غازين کي ??ساري ڇڏين اهي زندهه ناهن رهنديون، جان تي هٿيلي تي رکي شهيدن ??لڪ جو هڪ هڪ انچ دشمنن کان بچايو آهي، شهيد پنهنجي ٻارن کي ??تيم ڪري ويا پر لکين ٻارن کي ??تيم ٿيڻ کان بچايو، ??لڪ سان محبت ڪندڙ شهري 9 مئي جهڙن واقعن جو سوچي به نه ٿو سگهي، 9 مئي جي واقعن قوم کي غمگين ۽ شرمسار ڪيو آهي، 9 مئي تي سهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ انهن جا مجسما ٽوڙيا ويا، شهيد ڪيپٽن ڪرنل شير خانجي نالي سان منصوبي کي ??نسوب ڪرڻ جو مقصد قوم کي شهيدن جي عظيم قربانين کان آگاهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ميٽرو اسلام آباد منصوبو بند ڪري ڇڏيو هو، اسان ايندي ئي بحال ڪري ڇڏيو، دير جو شڪار ٻيا منصوبا به جولاءِ ۾ مڪمل ڪيا ويندا، بجلي سان هلندڙ بسون به 15 جولاءِ تائين پهچي وينديون. 3 روٽس تي اهي ميٽرو بسون هلي رهيون آهن. موجوده حڪومت آئيني ۽ قانوني طريقي سان بي اعتم??دي رٿ کانپوءِ اقتدار ۾ آئي. عمران نيازي ??لڪ جي وقار کي خاڪ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي، ??لڪ کي بدنام ڪيو ۽ وقار کي ??قصان پهچايو، عمران نيازي پروپئگنڊه ڪئي ته روس سان لاڳاپن جي ڪري منهنجي حڪومت ڪيرائي وئي، حقيقتن سمورن ڪوڙن الزامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان روس کان هڪ لک ٽن ڪچو تيل جو معاهدو ڪيو آهي. 45 هزار ٽن ڪچو تيل کڻي پهريون جهاز لنگرانداز ٿي چڪو آهي. عمران نيازي جي دور ۾ ته روس کان ڪجهه به نه گهرايو ويو هو. روس مان ايندڙ تيل عالمي مارڪيٽ کان 15 ڊالر في بيرل سستو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ??ن وقت پرڏيهي ناڻي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مشڪلاتن جي باوجود حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو آهي، شاندار بجيٽ پيس ڪرڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي پوري ٽيم کي ??بارڪباد ڏيان ٿو، مشڪلاتن جي باوجود گهٽ کان گهٽ اجرت، پگهارن ۽ پينشن ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو ويو آهي. موجوده اتح??دي حڪومت سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ??ي. ??لڪ کي ??شڪلاتن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام کانسواءِ ڪنهن به ??لڪ ۾ معاشي استحڪام نه ٿو اچي سگهي، جيڪڏهن سازشون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه ٿيندي ۽ قوم کي ??رغلايو ويندو ته ڪير ٻاهران سيڙپڪاري ڪندو ۽ ??لڪ جي اندر ڪير سرمايو لڳائيندو. اڳوڻي حڪومت چار سالن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ڪوڙي پروپئگنڊه، سازشي بيانيي ۽ ماڻهن کي ??رڇ ڪرڻ سان ??لڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي پاسداري نه ڪري ??لڪ کي ??قصان پهچايو. موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدو جلد ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪنهن کاتي يا شخصيت جي ڪرپشن جا ثبوت آهن ته پيش ڪري، آئون ان جي جاچ ڪرائيندس. عمران نيازي اپوزيشن کي ??نهنجي دور ۾ ڀت سان لڳائي ڇڏيو، چور ڌاڙيل، چور ڌاڙيل ڪندو رهيو پر ڪرپشن جو ڪو ثبوت نه ملي سگهيو. هاڻي توشه خانه ۾ قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي ته پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي. عمران نيازي ڪرپشن جا الزام هنيا پر ثبوت نه ڏنا، عمران نيازي سمجهي ٿو ته ان تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام آهن ته عدالت ۾ وڃي، پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري. وزيراعظم چيو ته جڏهن موجوده حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪئي ته سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ کان به وڌيڪ قيمتون گهٽ ڪرايون ويون. ڪرپشن جا الزام هڻي ماحول کي خراب نه ڪيو وڃي. ثبوت آهن ته ڏنا وڃن، ڪوڙي پروپئگنڊه نه ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڏکڻ ايشيا جو صاف سٿرو شهر بڻجي ويو هو. اهو سڀ ٽيم ورڪ جو نتيجو هو. اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ترڪيءَ جي ڪمپني جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. 8 هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا پر صفائي جو ماحول بدتر ٿي ويو. هن چيو ته اسلام آباد سالڊ ويسٽ جو نظام نه ??جڻ جي برابر هو، جلد اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، ان جي لاءِ واڪ هلي رهيا آهن. اڄ ئي ورڪ آرڊر جاري ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ ۽ ٻيا فلاحي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. سرڪاري تعليمي ادارن جي هوشيار شاگردن جي لاءِ هڪ لک ليپ ٽاپ اسڪيم جي شروعات جولاءِ کان ٿيندي، سڄي ??لڪ جا هوشيار ٻار ان اسڪيم مان فائدو کڻندا. نوجوانن کي ??نرمند بڻائڻ، ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول، قرض ڏيڻ ۽ زراعت جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. گذريل حڪومت نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پنهنجي قدمن سان ??لڪ کي ??ائد جو پاڪستان ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين.