ڪراچي – 14 جون(اي پي پي) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ کي نظر ۾ رکندي سامونڊي فوج ڪريڪس جي علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنن ۾ ڀرپور ??موني حصو وٺي رهي آهي. هاڻي تائين ??اڪ نيوي جون ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ضلعي حڪومت جي سهڪار سان ??وهڙ جمالي سان لاڳاپيل ڏورانهن ڳوٺن مان هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري چڪيون آهن. ان ??ان علاوه ٻين لاڳاپيل ڪريڪ جي علائقن مان ٻارن سوڌو 40 مقامي مهاڻن کي ريسڪيو ڪيو ??يو آهي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ريسڪيو ڪيل مهاڻن کي ??اڪ نيوي پاران مقرر خاص مي??يڪ?? ٽيمن بروقت طبي امداد به فراهم ڪئي. ??اڪ نيوي جي ايس ايس جي ڊائيونگ ٽيمن ڪيٽي بندر ،ترڪي بندر ۽ ٻين هنڌن کان امدادي ڪيمپن تائين 9000 ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مقامي انتظاميه جي مدد ڪئي. ڪريڪس برگيڊ جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن متاثر ماڻهن کي بروقت امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏورانهن سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ گشت ڪيو.