اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي س??براهه مولانا فضل الرح??ان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرح??ان ۽ وفاقي وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت پاران شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرح??ان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جو ان واقعي جي حوالي س??ن بيانيو ساراهه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي س??براهي ۾ اتحادي حڪومت جي ملڪ کي معاشي مشڪلاتن ??ان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامز?? ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اتحادي پارٽين جي ڪردار کي س??راهيندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن ??ان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ اتحادين جي تعاون سان ممڪن ٿيو آهي.