اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سا?? ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي لاڳاپيل وزارتن اڄ هڪ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن هڪ سا?? جي مدي لاءِ ??ر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان معاهدي سا?? ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان جي لاءِ سازگار ??رطن تي ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ان جي ٽيم جي محنت کي ساراهيان ٿو، عوامي خدمت جي ان عزم کانسواءِ اهو معاهدو مختصر ترين مدي ۾ ممڪن نه هو.