ڪان م??تر??ئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان م??تر??ئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان م??تر??ئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور ج??ئز?? وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان م??تر??ئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان م??تر??ئي، قلعه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خ??تمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلعه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن اما?? لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکن??ڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.