اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان ج?? پٺتي پيل علائقن خاص طور ??ي بلوچستان ج?? ڏورانهن ج??ائقن ج?? ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترق?? جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان مت??ثر ماڻهن ج?? مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مت??ثر علائقن ۾ جاري بحال?? جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد فراهم ڪندي. ناجي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ جي بلوچستان ج?? پٺتي پيل علائقن ج?? ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ مت??ثرين ج?? بحال?? جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ مت??ثرين ج?? لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهم?? جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.