اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آه?? ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستا??ين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??، ??لڪ جي ترقيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آه??. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسلر افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زو?? ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين کي ??لڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت کي بهترين سهارو ڏئي رهيا آه??. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين کي ??لڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آه??. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زو?? ڀريو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسل افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي وفد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زو?? ڀريو. وفد جي ميمبرن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستا??ين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زو?? ڀريو. وفد ??ي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هونسلو سمعيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل هئا.