اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سي??ري??ري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌري?? سياسي، واپاري ۽ سي??پڪاري جي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ سالياني ٻطرفي مشاورت من??قد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سي??ري??ري ۽ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ من??قد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪن??ري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي من??قد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.