اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نگران پرڏيهي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪر?? جو سمورو ڪريڊٽ نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني ڏانهن وڃي ٿو، نگران پرڏيهي ??زير وڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي ??زيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان پرڏيهي ??عاملن واري وزارت جي پريس ريليز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ??لڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿيو آهي. بيان موجب نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي ??زير حسين ??مير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.