اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي ذهني صلاحيتن کي ??ڌائڻ ۽ ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ انهن جي جديد خيالن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) جي اهتمام هيٺ اسپائر پاڪستان جي تعاون سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ (اين آءِ بي) جي ٽئين ايڊيشن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليمي ماهرن ۽ واپاري برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چ??و ته پاڪستاني نوجوان تمام گهڻين صلاحيتن، شاندار ذهن ۽ روشن خيالن جا مالڪ آهن جڏهن ته انهن کي ??نهنجي خيالن کي چٽاڀيٽي ۽ معياري مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي. صدر جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هو علم تي ٻڌل معيشت کي ??روغ ڏيڻ جو زبردست حامي آهي. هن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نيشنل آئيڊيا بئنڪ جهڙن فورمز جي ذريعي ٽيلنٽ هنٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي اين آءِ بي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو ملڪ جي روشن ۽ خوشحال مستقبل ۾ تبديلي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. صدر چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ جديد ۽ فني حل کي ??قت سر اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي چونڊ عمل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي وڪالت ڪندو رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نظام تي اشرافيه جي پڪڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن رڳو اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ اها اهم سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي ??نهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. صدر ان ڏس ۾ 26 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعليم جو خاص طور تي ذڪر ڪيو جن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ سان گڏوگڏ نئين ڄاول ٻارن جي موت جي شرح جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ذاتي مفادن تي ٻڌل موجوده عالمي نظام کي تنقيد جو ??شانو بڻايو جيڪو غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اسپائر جي چيئرپرسن حسن سيد شرڪت ڪندڙن کي ??يشنل آئيڊيا بئنڪ بابت آگاهه ڪندي چيو ته هو جدت، تخليقي صلاحيتن ۽ تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي پليٽ فار طور تي بهترين ذهني صلاحيت، ڪاروباري ۽ سُلجهيل ماڻهن کي گڏ ڪري پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم خيالن ۽ قدمن کي ڳولي سگهي ٿو. نيوٽيڪ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز چيو ته اين آءِ بي نوجوانن کي ??نهنجي جديد آئيڊياز کي ڪامياب مصنوعات ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فار فراهم ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته نوجوانن کي تربيت ۽ رهنمائي ڏيڻ جي لاءِ يونيورسٽين، مارڪيٽن، ڪاروبارن ۽ مقامي صنعتن جو تعاون ضروري آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شهزانه ميمڻ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 6 هزار کان وڌيڪ ڪاروباري آئيڊياز کي ??روغ ڏنو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي اسٽارٽ اپس قائم ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي ٽئين سيزن ۾ اٽڪل 2400 آئيڊياز مليا جن مان 67 آئيڊياز کي ??ومي سطح جي فاتح طور تي چونڊيو ويو آهي. صدر تقريب ۾ اين آءِ بي سيزن ٿري جي فائنل ۾ نمايان ڪارڪردگي جو ??ظاهرو ڪندڙن کي شيلڊز سان پڻ نوازيو.