اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 وفاقي وزيرن کي مختلف وزارتن جا اضافي قلمدان ڏئي ڇڏ??ا جڏهن ت?? 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏ??ا آهن. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي اوورسيز پا??ستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهبي معاملن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏ??و، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالع??يم خان کي مواصلات واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏ??يون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏ??و ويو، پيٽرو??يم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي پا??ي وسيلن واري وزارت جي اضافي چارج ملي وئي. ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏ??ا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحولياتي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر هوندو.