اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظها?? ڪندي اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ??ئي آهي ۽ چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان اسرائيل جي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ??ري ٿو جنهن سان وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي اسرائيل جي خلاف تازي واضح فيصلي جي باوجود بار بار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.