تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي وچ ?? مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ?? سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب دوران ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻن??ي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.