اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن، ملڪ مان تماڪ جي واهپي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته تماڪ جي واهپي جي خاتمي جو عالمي ڏينهن اسان سڀني جي لاءِ عوامي صحت تي تماڪ جي واهپي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل ڪوششن بابت هڪ ياد ڏياري ٿو، تماڪ جي واهپي جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي هن سال جو موضوع ”تماڪ جي صنعت جي اثرن کان ٻارن جو تحفظ“ آهي جيڪو تماڪ واپرائڻ ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي اسان جي ايندڙ نسلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ تي مرڪوز آهي. هن چي?? ته تماڪ واپرائڻ نه رڳو ا??هن انهن ماڻهن جي صحت تي اثرانداز ٿئي ??ي جيڪي ان کي استعمال ڪن ٿا پر اهو تماڪ واپرائيندڙن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن جي صحت جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جو ??اڻيٽو دنيا جي انهن 15 ملڪن ۾ ٿئي ??و جتي هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهو تماڪ واپرائڻ کان متاثر آهن ۽ تماڪ واپرائڻ جي ڪري ڪينسر، دل جي مرضن، ذيابيطس ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، حڪومت تماڪ جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن جن ۾ سگريٽ جي دٻين تي تماڪ واپرائڻ جي صحت تي مضر اثرن بابت وارننگز لڳائڻ، کليل سگريٽن جي وڪري تي پابندي، پوائنٽ آف سيل تي سگريٽ جي اشتهارن تي پابندي ۽ تماڪ تي ٽيڪس ۾ اضافو شامل آهي. هن چي?? ته پاڪستان مان تماڪ واپرائڻ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ تماڪ جي پيداوار ۽ استعمال ٻنهي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان تماڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني جي لاءِ سگريٽ تي اسان ٽيڪس کي 150 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ اهو ته تماڪ ۽ سگريٽ جي هر قسم جي تشهير بشمول قومي ٽي وي، ريڊيو، پرنٽ ميڊيا، بل بورڊز، پوائنٽ آف سيل ايڊورٽائيزنگ ممنوع آهي، سگريٽ ڪمپنين جي اسپانسرشپ ۽ اهڙي طرح جي اسپانسرشپ جي تشهير تي پڻ پابنديون هنيون آهن. هن چي?? ته آئون سول سوسائٽي، پيشيواراڻي ??نظيمن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي اسان جي معاشري مان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ اسان جي قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، تماڪ واپرائڻ کي رد ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا. وزيراعظم چي?? ته ”سگريٽ ڇڪڻ کي نه“ چوڻ جو عزم ڪريون ۽ تماڪ کان پاڪ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.