بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي چ??ن جي پنجن ڏينهن جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني قيادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چ??ن جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ??يل??وي??ن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چين جي ناليواري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوبل ??ائيمز، چائنا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چائنا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنسي وزيراعظم جو انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوبل ??ائيمز وزيراعظم جو مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم جي چ??ني گادي واري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم شهباز ش??يف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چ??ئرمين زائو لي جي، مخ??لف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چائنا بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽيل??وي??ن تي وزيراعظم جي دوري جي مخ??لف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم شهباز ش??يف 4 کان 8 جون دوران چين جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران هن چين جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.