لاڙڪاڻو ??? 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي علامت هئي، مح??رمه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پارٽي ۽ عوام لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي اها فخر جوڳي آهي، مون سياست شهيد مح??رمه بينظير ڀٽو کان سکي، ان جو شاگرد آهيان. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، صدر هائوس نئون ديرو ۾ شهيد مح??رمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر آصف علي زرداري شهيد مح??رمه بينظير ڀٽو جي س??لگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اسان شهيدن جي مشن کي پورو ڪنداسين. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻي?? اڳواڻ پڻ موجود هئا.