آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ شروع ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 24 هين سربراهي اجلاس ?? عالمي اڳواڻن سان گڏ شرڪت ڪئي. آزاد هنڌ تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪيه، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جا اڳواڻ شرڪت ڪري رهيا آهن.
وزيراعظ?? شهباز شريف جي تقريب واري هنڌ پهچڻ تي قازقستان صدر قاسم جومارت توڪائيف سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم اهم اجلاس ۾ گهڻ طرفي ڳالهين کي مضبوط بڻائڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سان ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.