سرينگر-19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين (ڪالهه) جمعي تي يوم الحاق پاڪس??ان ملهايو جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي ??ان ڄمون ڪشمير جي آزادي تائين آزادي جي جدوجهد جاري رکڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم جي گهر ۾ ٿيل آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ الحاق پاڪس??ان جو ٺهراءُ اتفاق راءَ سان منظور ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪس??ان سان مذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي پاڪس??ان سان ڄمون ڪشمير جي الحاق جو مطالبو ڪيو ويو هو.ڪشميرين جو اهو ٺهراءُ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڪس??ان سان ڳنڍي چڪا آهن.