اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسماعيل هنيه جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته عالمي ادارن جو فلسطين ۽ غزه جي صورتحال تي ضمير جاڳڻ گهرجي، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمنٽ سميت بجلي جي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون، عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروعات ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسماعيل هنيه کي بي رحمي سان ايران ۾ شهيد ڪيو ويو. پاڪستان، ترڪيه، ملائيشيا سميت ٻين ملڪن ان جي مذمت ڪئي آه??. اتحادي پارٽين به ان جي مذمت ڪئي آه??. عالمي ادارن جو اڄ ضمير جاڳڻ گهرجي. غزه ۽ فلسطين ۾ بدترين تباهي ٿي رهي آه??. هڪ حاملا عورت کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو. جمعي نماز کانپوءِ اسماعيل هنيه جي غائبانه جناز نماز ادا ڪئي ويندي، آئون ۽ سمورا وزير به غائبانه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آه??. اسان جي سياست عوامي خدمت آه??. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو. مون سي پيڪ تحت 2015ع ۾ پاڪستان سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو. سي پيڪ تحت بجلي جا منصوبا لڳايا ويا. 4 ايل اين جي پاور پلانٽ لڳايا ويا. 5 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ان دور ۾ سڀ کان سستا پلانٽ لڳايا ويا. اسان ملڪ کي درپيش ان چئلينج کي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. اسان گذريل ڪجهه مهينن ۾ ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آه??. سستي بجلي اسان جي ۽ اسان جي اتحادي حڪومت جي ايجنڊا آه??. ان تي سياست عوامي توهين جي برابر آه??. اهو پوري قوم ۽ غريبن جو مطالبو آه?? ته بجلي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. اهو ڏکيو معاملو آه??. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۽ ايف بي آ?? کي فعال بڻائڻ ۽ ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ٻيڙي منجهدار مان نڪري ايندي. عوام جي مشڪلاتن جو پورو ادراڪ آه??. هڪ مخصوص پارٽي جي خيبرپختونخواهه ۾ 10 سالن کان حڪومت آه??، ان اتي ڪيترا منصوبا هنيا؟ ڊيم ٺاهيا؟ ۽ پن بجلي منصوبن تي ڪيتري سيڙپڪاري ڪئي؟ ڳالهيون ڪرڻ آسان ۽ عمل ڪرڻ مشڪل آه??. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي لاءِ بجلي جي مد ۾ اربين رپيا ضايع ٿيندا هئا. هاڻي بلوچستان جي لاءِ شمسي توانائي جو 70 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 55 ارب رپيا وفاق ۽ باقي صوبو ڏيندو. بلوچستان جي عوام جي لاءِ ڌرڻو ڏيندڙن به آواز اٿاريو آه??. اها سياست براءِ سياست آه??. هن چيو ته بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ نمايان قدم کنيا آه??. نگران حڪومت به ان حوالي سان موثر قدم کنيا هئا. ان معاملي تي سپهه سالار جو عزم واضح آه??. اسان کي گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سمورن ادارن کي پنهنجي آ??يني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. پنجاب ۽ سنڌ بجلي چوري جي روڪٿام ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آه??. ملڪ کي درپيش مسئلن جو واحد حل هول آف دي گورنمينٽ اپروچ آه??. ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو لازمي آه?? پر ٽيڪس ادا ڪندڙن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ مناسب نه آه??. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويو آه?? ان جو احساس آه??. وزيراعظم چيو ته 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي رعايت ڏني وئي. 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم غور هيٺ آه??. بجلي بلز جي ادائيگي ۾ سهولت لاءِ 50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. بجلي جي بلن ۾ ادائيگي جي لاءِ تاريخن ۾ 10 ڏينهن جو ريليف ڏنو ويو آه??. بجيٽ ۾ صنعتن جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 8 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي. ”ابسلوٽلي ناٽ“ چوندڙن جي قدمن سان سفارتي لاڳاپن کي نقصان پهتو. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان روانگي واپار تي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. حڪومتي آءِ پي پيز تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آه??ون، جلد ان جو معاملو حل ٿيندو. ڪجهه نجي آ??ِ پي پيز پنهنجا قرض ادا ڪري چڪا آه?? ۽ ڪجهه کي اهي قرض ادا ڪرڻا آه??. ان معاملي تي چين کي ري پروفائيلنگ جي لاءِ خط لکيو آه??. چين جي صدر کي ملاقات دوران درآمدي ٻارڻ تي بجلي جي پيداوار جي منتقلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آه??ون ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. اسان کي گهٽ مدي ۽ ڊ??هي مدي واري منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو.