اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان – ترڪيه ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ??تون دور اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس قاضي ۽ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير نوح يلماز پنهنجي لاڳاپيل طرفن کان ڳالهين واري دور جي سربراهي ڪئي. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت، تعليم ۽ قونصل خاني جي معاملن سميت ٻطرفي تعاون جي معاملن جو ??فصيلي جائزو ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ علائقائي سطح تي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڌرين اسلام آباد ۾ ڪائونسل جو ??تون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ ج?? فيصلو ڪيو. ڌرين دفاع ?? سلامتي جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ۽ گڏيل منصوبن ۽ نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون جي ذريعي موجوده تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين ٻطرفي واپاري ماپي کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين موجوده معاهدن کي مڪمل ۽ موثر طريقي سان هلائڻ ج?? ڪوششن جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. جائزي هيٺ معاهدن جي جلد پڄاڻي ۽ پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) کي اپ گريڊ ڪرڻ، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي مستقل ۽ ??صو??ي حمايت تي ترڪيه کي ساراهيو. ڌرين عزه ۾ اسرائيل جي جاري جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ شديد خدشن جو ??ظهار ڪيو. هنن فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ ملحقه رياست فلسطين قائم ڪرڻ ج?? مطالبي جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي، اي سي او ۽ ڊي ايٽ سميت گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمز تي ٻطرفن رابطن ۽ تعاون تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. هنن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي گهڻ رخي فورمز تي گڏيل قدم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي وفد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪ ترڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ج?? پاڪستان جي خواهش جو ??ظهار ڪيو. ترڪيه بي پي سي ٻطرفي لاڳاپن جو ??امع جائزو وٺڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ج?? لاءِ تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ ج?? هڪ اهم ذريعو آهي.