اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن سان د??تا??يزن جي ويري فڪيشن جو ڪم آسان ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ اپوسٽائيل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو. نائب وزيراعظم چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ويا، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ سان عو??م کي ڊگهي قطارن ۾ لڳڻو نه پوندو. هن چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه عرصي کان ڪم جاري هو، نائب وزيراعظم چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. اپوسٽائل ڪنوينشن جي باقاعده افتتاحي تقريب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿي. نائب وزيراعظم اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. باقاعده افتتاحي تقريب سان گڏ عالمي استعمال جي لاءِ عو??مي د??تا??يز جي تصديق کي هموار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ۾ نائب وزيراعظم عو??مي سهولت جي حڪومت جي ترجيح ۽ د??تا??يزن جي تصديق ۽ قانوني حيثيت کي آسان بڻائي موثر عو??مي خدمتن جي فراهمي ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪوششن جو خاڪو پيش ??يو. هن وزارت جي آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي موثر عو??مي خدمتن جي فراهمي جي سلسلي ۾ وڌيڪ متحرڪ رهن. اپوسٽائل سرٽيفڪيشن جي باضابطا شروعات سان پرڏيهي وزارت ۽ ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گجرات ۾ ان جي رابطا آفيسن کي اپوسٽائل تصديق جي لاءِ د??تا??يز اڳ ۾ ئي اعلان ڪيل پنج ڪوريئر ڪمپنين جي ذريعي ملندا. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت هڪ ”آن لائين اپوسٽائل ايپلي ڪيشن سسٽم“ پڻ متعارف ڪرايو آهي. ان نظام تحت ڪو به ماڻهو پنهنجو پروفائيل ٺاهي ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ پاران متعارف ڪرايل ”آن لائين ادائيگي ايپ“ جي ذريعي سڌوسنئون د??تا??يز جمع ڪري اپوسٽائل جي لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگهي ٿو.