اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ تعليم کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لاءِ تعليم ??ي شعبي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ مالياتي بجيٽ ۾ ان تعليم ??ي شعبي جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي. هن تعليم ??اصل ڪرڻ جي اهميت بابت اسلامي تعليمات جو پڻ حوالو ڏنو. نائب وزيراعظم ان ڳال??ه تي زور ڏنو ته انساني امداد ۽ مدد جي لاءِ وقف ٻين تنظيمن ۽ ادارن کي پڻ ماڻهن کي درپيش مالي، صحت ۽ تعليم ??ي م??ئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جن کي پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جهڙين تنظيمن جي ذريعي قائم ڪيل مثالن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد اسحاق ڊار عوامي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ايسوسيئيشن ضرورتمند ۽ مستحق ماڻهن جي م??د جي لاءِ پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تنظيم ??اگردن کي م??سٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم کانسواءِ اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي جيڪو نه رڳو هڪ بهتر قدم آهي پر انسانيت جي حقيقي خدمت آهي جنهن جو آخرت ۾ بي پناهه اجر آهي. نائب وزيراعظم ان ڳال??ه تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ته وزارت ۾ اهڙي سوچ موجود آهي جيڪا هڪ خاندان وانگر آهي. پاڪستان فارن آفيس وومينز ايسوسيئيشن بيواهن ۽ اقليتن کي ڪيترين ئي اسڪالرشپ ۽ ٻي م??لي امداد کانسواءِ ٻارن کي اسٽيشنري ۽ اسڪول بيگ فراهم ڪيا آهن جڏهن ته ان قدرتي آفتن کان متاثر علائقن جي لاءِ پڻ تعاون ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2020ع دوران هن يتيمن جي ڪفالت جي لاءِ ٻه تنظيمون قائم ڪيون جتي 100 جي لڳ ڀڳ ٻار تعليم ??اصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻيو ادارو تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.