اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي خ??تم?? لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي وئي آهي، مان ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سالڪ حسين ان قومي مشن کي اڳيان وٺي وينداسين، سڀ کان پهرين اس??ن سڀ پاڪستاني آهيون ۽ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، اس??ن کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اس??ن کي ان مان نڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ ٻين اڳواڻن جي مدد سان ئي اس??ن ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت هيٺ سمورن مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي ڌُرين جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين به ان موقعي تي موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگرديءَ جي خ??تم?? لاءِ اس??ن سڀني کي قوم جي حيثيت سان گڏ ٿيڻو آهي، اسلام ۽ دين کي اس??عمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو، رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اس??ن جو دين ۽ آئين به واضح طور تي چوي ٿو ته رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو دهشتگرد آهي، ڪنهن کي ڪهڙيءَ به طرح قتل ڪرڻ جي اسلام ۽ـ اس??ن جي ملڪ جي قانون ۾ قطعن اجازت ناهي. هن چيو ته اس??ن کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ٿيڻو آهي. اس??ن يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏينداسين ته ان جو اثر تمام گهڻو ٿيندو ۽ مضبوط پيغام ويندو. محسن نقوي چيو ته 6 سيپٽمبر جي حوالي سان اس??ن اڄ به انهن ماڻهن کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته هو رياست آڏو هٿيار ڦٽو ڪن، اڄ به چئون ٿا ته رياست کي مڃين، آئين کي مڃين ۽ قانون کي مڃين، اڄ به انهن وٽ موقعو آهي، اس??ن هر صوبي ۾ وينداسين. وڏن وزيرن ۽ عالمن سان ملنداسين. اهوئي پيغام صوبائي راڄڌاني کان به ڏينداسين، صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن ۾ به اهوئي پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم به ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، اس??ن کي اسلام جو نالو غلط اس??عمال ڪرڻ کي روڪڻو آهي، دين جا اصل رهنما عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن، اڄ اس??ن قوم کي اهو پيغام ڏيون ته اس??ن دهشتگرديءَ خلاف متحد آهيون. گهرو وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪنديون. دهشتگرديءَ بابت اوهان جي تجويزن تي به عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته خاص طور تي مولانا عبدالخبير آزاد جو ٿورائتو آهيان جنهن اوهان سڀني کي هتي گڏ ڪيو، دهشتگرديءَ خلاف گڏيل پيغام انتهائي ضروري آهي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اس??ن کي گڏجي نئين نسل کي بارود ۽ باهه جي راند کان بچائڻو آهي. نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. عالم سڳورا ۽ مشائخ ماڻهن جي اصلاح ڪن ۽ رياست خلاف هٿيار کڻندڙ خلاف آواز بلند ڪن. ان موقعي تي مولانا عبدالخبير آزاد به خطاب ڪيو. ملاقات کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. عالم سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ـ دهشتگردن جي بي??نيي کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو انسانيت جو احترام ۽ تشدد کان پاڪ معاشري جو درس ڏئي ٿو. موجوده ملڪي حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪنهن کي به بي ڏوهي قتل ڪرڻ جي اسلام هرگز اجازت نٿو ڏي. وطن عزيز لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحس??ن پيش ڪريون ٿا. پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آهي. اسلام اقليتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو ضامن آهي. پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بي??نيو آهي جنهن کي ممبر ۽ محراب ذريعي هر گهر جو آواز بڻائي ڇڏينداسين. هي وقت ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر اتحاد ۽ اتفاق ۽ قوم ۽ اُمت کي جوڙڻ جو آهي. ملاقات ۾ مولانا ضياءُ الرحمان، مولانا محمد طيب قريشي، علامه مختيار احمد نديم، علامه عارف حسين واحدي، مفتي گلزار احمد نعيمي، مولانا تنوير احمد علوي ۽ ٻيا موجود هئا.