اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه يومِ دفاع ۽ شهداء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات بحر??ه جي مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائن سان ٿي. ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. پاڪ بحر??ه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن دشمن جي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آه??. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آه??. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ۽ سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آه??. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن ??ي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شهيدن ??ي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. بحر??ه جي سمورن يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان موقعي تي پاڪ بحر??ه جا سمورا جهاز ۽ يونٽس بحر??ه جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.