نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قوم?? ۾ ??يمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي و?? ۾ ??اڪستان ۽ بنگلاديش جي و?? ۾ ??ختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفا?? ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.