اسلام آباد ??? 30 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سي??يئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وف?? پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. بيان موجب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ?? عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪستان ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.