اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو وزيراعظم ها??وس پهچڻ تي شاندار اس??قبال ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ مرڪزي دروازي تي ملائيشيا جي وزيراعظم جو شاندار اس??قبال ڪيو. ملائيشيا جي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملائيشيا جي وزيراعظم جي وزيراعظم ها??وس اچڻ جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم معزز مهمان سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم پنهنجي وفد جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وزيراعظم ها??وس جي لان ۾ ٻوٽو هنيو ۽ دعا ڪئي. ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪس??ان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي د??وت تي پاڪس??ان جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.