اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وير احسن اقبال چيو آه??، ته گوادر اي??رپورٽ ۽ سي پيڪ ??و سان پاڪستان لاءِ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. گذريل ڏينهن هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان چين جي مدد سان سي پيڪ ??و شروع ڪرڻ وڃي رهيا آه??ون. هن چيو ته چين جي سهڪار سان ويجهي مستقبل ۾ 5 اقتصادي راهداريون به کوليون وينديون. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن لاءِ ڪاروباري سر??رميون وڌائڻ لاءِ گوادر ۾ ڪارگو حب قائم ڪري سگهجي ٿو. علائقائي رابطن لاءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ريل ۽ روڊ جا رابطا وچ اي??يائي رياستن ۽ يورپ سان ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خطي جي ان حصي ۾ اقتصادي سر??رمين کي وڌائڻ لاءِ گوادر ۽ عمان جي روٽس کي بحال ڪري سگهجي ٿو.