اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪس??ان جي وزيراعظم ڪُهر رسول زاده ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او، سي ايڇ جي جي سالياني اجلاس ۾ تاجڪس??ان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراه??ند?? چيو ته بطور ڀائر ملڪن ۽ علائقائي حصيدار، پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پائيدا?? رشتو آهي. وزيراعظم هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي نتيجاخيز دوري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ طرف اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاجڪ وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئر جي حيثيت سان پاڪس??ان پاران اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ وفد ۽ ٻين شريڪ وفدن جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائ??ند?? ڪوهر رسول زاده چيو ته تاجڪس??ان ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ تاجڪستان، پاڪس??ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. تاجڪ وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪس??ان حڪومت جا تاجڪس??ان کي پاڪس??ان مان کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ڏ??ند??.