واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سان گڏ م??تل?? شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪارڪردگي ۽ م??تل?? سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي وڌائڻ، خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سر??ار?? ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ??ار??با?? لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. توانائي جي شعبي ۾ به بهتري لاء?? قدم کنيا ويا. سر??ار?? ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ??ار??باري ادارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاء?? قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻائي سگهجي.