اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چ??و آهي ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارت سرينگر تي پنهنجي فوج لاٿي ۽ ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بنا شڪ جي اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چ??و آهي ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڪشميري عوام جي خود اراديت جي جائز خواهش کي دٻا??و آهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ره??و آهي. ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن گذريل 77 سالن ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، تنهن هوند?? به فتح نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ جي سندن عزم هاڻ?? به ايترو ئي پختو آهي جيترو 1947ع ۾ هو. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي مسلسل جدوجهد ۾ ڏنل قربانين کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. محمد شهبا?? شريف چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع سان والاريل ڄمون ڪشمير تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪٻئي پٺيان قدم کڻي ره??و آهي. ڀارت جي ناپاڪ ارادن جو مقصد والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي سندن جمهوري حق کان محروم ڪرڻ آهي. اڄ ڪشميري عوام پنهنجي روزمره جي زندگي ۽ معاش تي سخت ترين ۽ تڪليف ڏيندڙ پابنديون برداشت ڪري رهيا آهن. سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي. ڀارتي قابض فوج دهشتگردي جي خاتمي جي سخت قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. تنهن هوند?? به اهي جابراڻا قدم ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي تڙپ کي گهٽ نٿا ڪري سگهن. جيئن ته مون تازو ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهو واضح ڪ??و آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئ?? ممڪن آهي. ڀارت کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته هو پنهنجي جابراڻي حربن سان ڪشميري عوام جي حقيقي امنگن کي دٻائي نٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو اظهار ڪ??و آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حتمي حل تائين انهن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.