اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪش??يري عوام جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ج?? ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت ج?? والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪش??يري ڀي??رن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪش??ير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ڀارت ڄمون ڪش??ير تي قبضي لاءِ فوج ڪش?? ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي عوام ڀارتي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ڀارت والاريل ڄمون ڪش??ير کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل علائقن مان هڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ??ن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪش??يري شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪش??يرين جي اصل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا منصفاڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪش??يري عوام جي خود اراديت واري حق جي توثيق ڪري چڪي آهي. ان جي باوجود ڀارت انهن قراردادن جي خلاف ورزي ۽ ڪش??يرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آيو آهي. هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان جي آبادياتي ۽ سياسي منظرنامي کي بدلائڻ جي قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. اهي ڪارروايون ڪش??يرين جي آزادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چيو ته انهن جي جابراڻي حربن باوجود ڪش??يري عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد تي قائم آهي. اسان ڀارت ج?? جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪش??يري عوام جي منصفاني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ج?? ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن ??ي نظر انداز ڪرڻ ڊگهي امن جي ضمانت ناهي. هن چيو ته ڪش??يرين جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ذميواري کي وڌيڪ نظر انداز نٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي، ڪش??يرين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀي??رن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.