سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ??نھي ??اس?? ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي ??شن کي جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي ??ورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي ??ختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري جو قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نومبر 1947ع جي ??ھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ??نھي ??اس?? ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀارت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري شھيدن جي ??ربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي ??اس?? ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چيو ت?? ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي ??بضي مان آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ڄمون ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀريو ت?? معصوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي ??اڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ت?? ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي ??سل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھي. هنن چيو ت?? ڀارت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي جي آبادي جو ت??اسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي جي چيئرمين علي رضا سيد شھداءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين جو نذر??نو پيش ڪري قربانيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري علائقي ڄمون ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ڄمون جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ت?? اسان شھداءِ ڄمون جي ??ربانين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄمون ڪشمير جي ??اڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.