اسلام آباد- 06 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي ختم ٿيل ه??تي ۾ ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 65582 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ه??تي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل ه??تي دوران ملڪ ۾ ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 64467 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي ختم ٿيل ه??تي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 2737 ايم ا??م سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل ه??تي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل ه??تي ۾ ملڪ ۾ گئس جي روزانو پيداوار 2694 ايم ا??م سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق 31 آڪٽوبر تي ختم ٿيل ه??تي ۾ او جي ڊي سي ايل جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 30582 بيرل، پي پي ايل 10620 بيرل، پي او ايل 1099 بيرل ۽ ماڙي گئس جي ڪچي تيل جي روزانو پيداوار 4227 بيرل رڪارڊ ٿي آهي. ساڳئي طرح 31 آڪٽوبر تي ختم ٿيل ه??تي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 576 ايم ا??م سي ايف، پي پي ايل 577 ايم ا??م سي ايف ڊي، ماڙي گئس 755 ايم ا??م سي ايف ڊي ۽ پي او ايل جي گئس جي روزانو پيداوار 60 ايم ا??م سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.