اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ ??يل ۾ خر??ب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احتجاج طور بک هڙتال ڪ??ي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد ياسين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ??يل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالب?? ڪريون ٿا ته محمد ياسين ملڪ کي معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کي?? فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جا??ي رکندو.