اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) نيشنل فنانس ڪميشن (اي?? ايف سي) ايوارڊ تحت مالي سال جي پهري?? ٽه ماهي ۾ وفاق کان صوبن ڏانهن مجموعي طور 15 کرب، 65 ارب، 14 ڪروڙ، 50 لک روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهري?? ٽه ماهي ۾ اي?? ايف سي ايوارڊ تحت پنجاب کي 7 کرب، 59 ارب، 83 ڪروڙ، 70 لک روپيا، سنڌ کي 3 کرب، 91 ارب، 27 ڪروڙ 60 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي 2 کرب، 57 ارب، 22 ڪروڙ 20 لک روپيا ۽ بلوچستان کي هڪ کرب، 56 ارب، 81 ڪروڙ روپين جا فنڊ منتقل ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي پهري?? ٽه ماهي ۾ اي?? ايف سي ايوارڊ تحت وفاق کان صوبن ڏانهن مجموعي طور 13 کرب، 70 ارب، 44 ڪروڙ روپين جا فنڊ منتقل ٿيا هئا. گذريل مالي سال جي پهري?? ٽه ماهي ۾ اي?? ايف سي ايوارڊ تحت پنجاب کي 5 کرب، 25 ارب، 88 ڪروڙ، 60 لک روپيا، سنڌ کي 2 کرب، 61 ارب، 54 ڪروڙ، 50 لک روپيا، خيبرپختونخوا کي هڪ کرب، 77 ارب، 63 ڪروڙ روپيا ۽ بلوچستان کي هڪ کرب، 23 ارب، 70 ڪروڙ، 80 لک روپين جا فنڊ جاري ٿيا هئا. مالي سال 2024ع جي وچ ۾ اي?? ايف سي ايوارڊ تحت وفاق کان صوبن کي مجموعي طور 52 کرب، 63 ارب، 62 ڪروڙ، 70 لک روپين جا فنڊ جاري ٿيا هئا.