اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم جي ڪامياب?? اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ??يم ورڪ جو نتيجو آهي، دعا آهي ته اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي. وزيراعظم گذريل ڏينهن پن??نجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ??يم لاءِ هي وڏو ڏينهن آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيان ٿو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان آسٽريليا کي سندن هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني ۽ اها به شاندار طريقي سان. وزيراعظم چيو ته چيئرمين محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ ڪوچنگ اسٽاف ۽ پي سي بي جي ڪوششن سان گڏوگڏ هي ڪامياب?? اسان جي رانديگرن جي شاندار اتحاد ۽ ??يم ورڪ جو نتيجو آهي. دعا آهي ته هي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار دور جي شروعات هجي.