رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دوران وزيراعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد ??ار??ق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزيراعظم ??اڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم ??اڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان سا?? گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سا?? گڏوگڏ آذربائيجان جي صدر پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سا?? ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيراعظم ??اڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سا?? گڏ آهن.