اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان بلائن?? ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪ??دار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽي 20 بلائن?? ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بلائن?? ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪي?? آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائن?? ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪستان بلائن?? ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪي?? آهي. صدر چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترق?? ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان بلائن?? ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان بلائن?? ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??.