اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پاڪستا??ين جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کان جلد مح??وظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪ??ت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت ۾ شام جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستا??ين جي انخلا بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پاڪستا??ين جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کان جلد مح??وظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪ??ت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪ?? ڏنو ته شام ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي مح??وظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته شام ۾ رهندڙ پاڪستا??ين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. ان مقصد جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي معلومات ڊيسڪ ۽ پاڪستا??ين سان رابطي جي لاءِ هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪ?? ڏنو ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين پرڏيهي آفيس جو ڪرائيس مئنيجمينٽ يونٽ ۽ شام ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ معلوماتي ڊيسڪ 24 ڪلاڪ فعال رهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم مح??د اسحاق ڊار?? دفاع واري وفاقي وزير خواجه مح??د آصف، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.