اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قا??داعظم محمد علي جناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني با??اءِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي با??اءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين با??ت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قا??داعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قا??داعظم محمد علي جناح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قا??م ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ??ال??جن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قا??داعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قا??داعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي سان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي جي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ??ال??جن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قا??داعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.