اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، نياڻين کي معياري ۽ هڪجهڙن تعليمي موقعن جي فراهمي لاءِ جامع قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم شهباز شريف نياڻين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن جي تعليم واري وزيرن سان ملاقات جي موقعي تي انهن جي آجيان ڪندي ??يو ته نياڻين جي تعليم واري پروگرام ۾ ش??ڪت تي اوهان جو ٿورائتو آهيان، هي ڪانفرنس وقت جي اهم ضرورت آهي. هن ??يو ته مون پنهنجي خطاب ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي آهي. هن ??يو ته 22.8 ملين ٻار اڃان تائين اسڪول کان ٻاهر آهن، جن ۾ نياڻين جي اڪثريت آهي. پاڪستان جا سمورا صوبا ۽ ٻيا علائقا ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا جي حوالي سان جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن پر ڪن سببن جي بنياد تي اسڪولن ۾ نياڻين جي داخلا هڪ وڏو چئلينج آهي. هن ??يو ته اڄوڪي ڪانفرنس ۾ اسلامي ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ??يو ته نياڻين جي تعليم جي هدايت اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم به ڪئي. ان تعليم جي روشني ۾ اسان جي حڪومت ٻين ملڪن جي تعليم وارن وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ??يو ته نياڻين جي تعليم جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجي خاندانن ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ملڪن جي وزيرن سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو تعارف ڪرائيندي ??يو ته نائب وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سندس پوري ٽيم ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. هن ??يو ته هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي تعليم، خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن کي مدد به فراهم ڪري رهي آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ??يو ته هي هڪ اهم موقعو آهي ته اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌائي انهن کي استحڪام ڏيون. تعليم واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر مقبول صديقي ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ۽ منعقد ڪرڻ جي حوالي وزيراعظم جي ڪردار تي پنهنجي ۽ پنهنجي پوري ٽيم کانسواءِ ڪانفرنس جي ش??ڪت ڪندڙن طرفان به ٿورو مڃيو. ترڪيه جي تعليم واري وزير ڪانفرنس ڪرائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ سان نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ناڪاري پروپيگنڊا جو به ازالو ٿيندو ۽ نياڻين جي مٽاسٽا جي شرح ۾ واڌ ٿيندي. ملاقات ۾ شريڪ صوماليه جي وزي?? پنهنجي تعليم دوران پاڪستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي حوالي سان ڳالهائيندي ??يو ته پوري عالم اسلام ۽ خاص ڪري صوماليه ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان مسئلا آهن. هن ??يو ته اسان جي ملڪ ۾ به ٻارن جو وڏو انگ اسڪولن کان ٻاهر آهي، مان ٻين ملڪن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهيان. هن ??يو ته مسلم امت جي حوالي سان پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ڪرغزستان جي تعليم واري وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي ??يو ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪانفرنس ۽ ان جي ايجنڊا انتهائي اهم آهي. هن ??يو ته پاڪستان سمورن مسلم ملڪن لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي ۽ اسان سڀني ملڪن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملائيشيا جي تعليم واري وزير ??يو ته پاڪستان جي وزيراعظم، تعليم وارو وفاقي وزير ۽ رابطا عالم اسلامي اهم ڪانفرنس ڪرڻ تي مبارڪن جا حقدار آهن. هن ??يو ته هي ڪانفرنس تعليم ۽ نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موجوده حالتن ۾ نياڻين جي تعليم وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي، هن ڪانفرنس کي وزيراعظم جي خطاب کي به ساراهيو. مالديپ جي تعليم واري وزير شميم علي سعيد ڳالهائيندي ??يو ته مان پاڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. گمبيا جي تعليم واري وزي?? پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي ??يو ته هي ڪانفرنس نياڻين جي تعليم جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. هن ??يو ته ڪانفرنس جي بندوبست سان تعليم جي حوالي سان مسلم امت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. مالديپ جي ڊاڪٽر احمد عديل اخير ڪانفرنس تي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي ??يو ته دنيا ۾ اسلام جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ پاڪستان هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي ڪانفرنس به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ??يو ته مان ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪندڙن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪريان ٿو، هن ??يو ته وزيراعظم ڪانفرنس کي خطاب ۾ هدفن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن ??يو ته تعليم ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ٻين ملڪن سان سهڪار جا خواهشمند آهيون. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.