اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن کي اڳتي وڌائڻو آهي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ??رڻ?? فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل جي وسيع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 – 12 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن کي اڳتي وڌائڻو آهي. او آءِ سي جي متحرڪ ڪردار تي او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل کي ساراهيندي وزيراعظم تنظيم جي گڏيل ترجيحن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان کي مسلمان امت جي گڏيل آواز جي طور تي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل جا ٿورا مڃيا. فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪندي هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ??رڻ?? فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل جي وسيع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي سيڪري??ري جنرل پاڪستان پاران ان جي ۽ ان جي وفد جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جو انعقاد مسلمان امت جي لاءِ اهميت رکندڙ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو مثال آهي. سيڪري??ري جنرل ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد ۾ او آءِ سي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي جاري سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته او آءِ سي کي غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ عالمي برادري تي پنهنجو دٻاءُ جاري رکڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطين جي عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.