اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيور??ي فو??سز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فو??سز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم خارجي اڳواڻ سميت 5 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي آپريشن ۾ شريڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فو??سز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ دشمنن جي خلاف جنگ ۾ شريڪ سيڪيور??ي فو??سز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.