اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن وا??ي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو اسرار مذاق ۾ وِجهڻ واري ڳالهه آهي، سياسي پارٽيءَ کي سياسي پارٽيءَ سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي وفاقي وزير چيو ته هن وقت جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي سٺو سنوڻ آهن، سياسي پارٽيءَ کي سياسي پارٽيءَ سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، س??ل 2024ع معيشت جي بهتريءَ جو سال هو، حڪومت وياج جي شرح، ??هانگائي جو تناسب گهٽ ڪيو. هن چيو ته هاڻ وياج اؤسر وڌڻ گهرجي، مان سمجهان ٿو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته انڊسٽ??ي وڌندي، معاشي استحڪام سان سياسي استحڪام تمام ضروري آهي.