نيويارڪ -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻارڻ جي اگهه م واڌ سان گذريل 3 مهينن دوران هوائي ڪمپنين جي ٽڪيٽن جي وڪري ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آمريڪي خابرو اداري مطابق ان صورتحال جي روشني ۾ آسٽريليا جي هوائي ڪمپني قعط??س چيو آهي ته هو هوابازي جي ٻارڻن جي قيمتن ۾ اضافي سبب ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري سگهن ٿا. فنانشل ٽائيمز سان ڳا??هائيندي فن لينڊ جي قومي ڪيريئر فن ايئر ۽ بارڪليز بي??ڪ جي اختيارين اميد ظاهر ڪئي ته ٻيون عالمي ڪمپنيون به اهو ئي اصول لاڳو ڪنديون. هي قدم هلندڙ سال تيل جي قيمتن جي بلند ترين سطح 95 ڊالر رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ کنيو ويو آهي.