اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي ??ني??دي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي ??ني??دي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا خوراڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي ??ني??د تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شع??ن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توا??ائ?? ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.