اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستا?? جي سفارتي پاليسي جا ثمر سامهون اچڻ لڳا آهن، گڏيل قومن سميت عالمي برادري ڀارت جي قدمن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪيون وڃن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، غيرانساني لاڪ ڊائون فوري ختم ڪيو وڃي، خور??ڪ ۽ دوائ?? جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سي??سي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ت?? ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا وبا کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.