اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ م??جود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري ??زير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هفتي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آ??ان ۽ فوري ??راهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون واري ??زير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قانون واري ??ارلياماني سيڪريٽري ??لائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.