اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا و??ئر?? کي م??هن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ??ي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا و??ئر?? جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائين جي هڪ ڏي??هن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا و??ئر?? کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي ج??هن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائ??ن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا و??ئر?? جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ??يندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 هزار 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوتگيون ٿيون.